دلاهه ڦاٽ

دلاهه ڦاٽ: دلاهه ڦاٽ، دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺن پاٽ ۽ رڪڻ کان اوڀر تي هڪ قديمي ڦاٽ هو، جيڪو پراڻي بندر رڪڻ جي اتر اوڀر ۾ هو. دلاهه پوءِ ڍوري جي صورت اختيار ڪئي. هن مان ونگ واهه ۽ نور واهه نڪرندا هئا. دلاهه تاريخي ڦاٽ آهي، جيڪو پاٽ پراڻيءَ جيترو قديم هو. قديم زماني ۾ دلاهه ٻيڙين جي مال لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هڪ اهم تڙ ۽ ڍوري جو ڦاٽ هو. سگھڙ صالح ملاح جو اُن بابت هڪ بيت ملي ٿو:
دلبر ۽ دلاهه، ونگ ٻنهي جي وچ ۾،
چوراڻي ۾ چلهڙ ٿيو، ڪُنڍيون چرن گاهه،
ٻه اکيون ٽيون ساهه، ساري شهر رڪڻ کي.
هن بيت ۾ دادو تعلقي جي ٽن تاريخي واهن: دلاهه، ونگ واهه ۽ دلبر واهه جو ذڪر آهي، جيڪي پنهنجي خطي ۾ آبادي جو ذريعو هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو